اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) تعليم، پيشيوراڻي تربيت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي نسٽ، نيوٽيڪ ۽ ڪامسيٽس يونيورسٽين جي ڪراچي ڪيمپسز جي قيام جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انهن ڪميپسز جي قيام سان ڪراچي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ بهتر تعليمي سهولتون فراهم ٿينديون. اهي ٽئي يونيورسٽيون سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ معيار رکن ٿيون. ڪراچيءَ ۾ انهن يونيورسٽين جي ڪيمپسز جو قيام وزيراعظم جي ويزن مطابق آهي. ڪامسيٽس يوينورسٽيءَ جو عارضي ڪيمپس سي ڊبليو ايڇ آر حب روڊ تي قائم ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته 4.6 بلين جو پي سي ون ڪامسيٽس يونيورسٽيءَ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.