اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومتي قدمن جي ڪري اڄ مهانگائي 9 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، ملڪي معيشت ۾ بهتري جا ثمر عوام تائين پهچي رهيا آهن، اسان رياست جي لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏني ۽ ملڪي مفاد ۾ فيصلا ڪيا، عوام انتشار نه خوشحالي چاهي ٿي، پاڪستان جي ڊيفالٽ جون ڳالهيون ڪندڙ اڄ پاڻ انتشار جو شڪار آهن، وزيراعظم 4 مارچ تي هڪ سال جي ڪارڪردگي قوم آڏو رکندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير 4 مارچ 2024ع تي مسلم ليگ (ن) جي اتحادي حڪومت کي هڪ سال مڪمل ٿي ويندو، گذريل سال 4 مارچ تي محمد شهباز شريف بطور وزيراعظم پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو، قوم کيس هڪ وڏي ذميواري ڏني، ان حوالي سان ڪيتريون ئي قياس آرائيون ۽ ابهام هو ته ملڪ ڪهڙي رخ ۾ وڃي رهيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ معيشت جي ڪهڙي حالت هوندي ۽ ملڪ جي اندر ڪهڙي قسم جو نظام لاڳو ٿيندو، ڪيترن ئي ماڻهن شرطون لڳايون ته ملڪي معيشت نه سنڀلجندي، هڪ سياسي پارٽي پاران آءِ ايم ايف کي خط لکيو پئي ويو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام نه ڏنو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪجهه شيون سياست کان مٿانهون هونديون آهن، اسان سياست کي قربان ڪري رياست کي بچايو آهي، ملڪي معيشت، استحڪام، سلامتي، عالمي سطح تي ملڪي ساک کي نظر ۾ رکندي اسان سياسي نه پر ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪيا جيڪي مشڪل فيصلا هئا پر الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريون ٿا ته جڏهن نيت صاف هجي ته رستا پاڻ ئي ٺهي ويندا آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سڀاڻي هڪ سال جي ڪارڪردگي قوم آڏو رکندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف سُڌارن واري ذهن جو اڳواڻ آهي. هن چيو ته اڄ مهانگائي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي جيڪا معجزي کان گهٽ نه آهي، مهانگائي جيڪا گذريل سال هن ئي مهيني 23.1 سيڪڙو تي هئي، گهٽ ٿي 1.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، اها 9 سال پنج مهينن کانپوءِ گهٽ ترين سطح آهي. هن چيو ته وياج جي شرح گهٽ ٿي 12 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ڏينهون ڏينهن مٿي وڃي رهي آهي، روزانو نئون رڪارڊ ٺهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان عالمي اڪيلائپ جو شڪار هو، اڄ پاڪستان جي عالمي سطح تي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو آهي، شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ 12 ملڪن جي وزيراعظمن پاڪستان جو دورو ڪيو، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ڪامياب دورو ڪيو ۽ واپس ترڪيه وڃي هن پاڪستان بابت جن جذبن جو اظهار ڪيو اهي پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ فخر جوڳا آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ازبڪستان جي تازي دوري دوران ازبڪستان ۾ پاڪستان جو جهنڊو هر رستي تي نظر آيو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته چيمپيئنز ٽرافي جون مئچز پاڪستان ۾ منعقد ٿي رهيون آهن، اهي ميدان ويران هئا هتي ڪير کيڏڻ جي لاءِ تيار نه هو پر محنت ٿي، نيڪ نيتي سان ڪم ٿيو، هاڻي سيمي فائنل به ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته اهڙي طرح گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرشپ ملي، رڪارڊ ووٽ مليا، ان جي لاءِ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تمام گهڻي محنت ڪئي، اڄ هر ملڪ پاڪستان کي ساراهي رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته ابوظهبي جو ولي عهد پڻ پاڪستان جي دوري تي آيو، هن هتي ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ڪيون، پاڪستاني قيادت ۽ پاڪستاني معيشت کي ساراهيو جڏهن ته آذربائيجان جي صدر پاڪستان ۾ ٻه بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ازبڪستان جي صدر پاڪستان جي منفرد حيثيت تسليم ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي. هن چيو ته معاشي بحالي جي سفر ۾ محنت، ٽيم ورڪ ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو اهم ڪردار آهي، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير جو معاشي بحالي جي سفر ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، نيڪ نيتي ۽ ٽيم ورڪ جي ڪري اڄ اسان مقام تي پهتا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم 20 ارب رپين جي وڏي رقم سان رمضان پئڪيج جو اعلان ڪيو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ تي وڌيڪ آهي. اٽڪل 2 ڪروڙ ماڻهو ڊيجيٽل والٽ جي ذريعي رمضان پئڪيج مان فائدو کڻندا. هن چيو ته ملڪ ۾ صحت، تعليم سميت سمورن شعبن ۾ بهتري آئي آهي، معيشت جي حوالي سان شرطون لڳائيندڙ ۽ پاڪستان جي تباهي جون دعائون گهرندڙ اڄ پاڻ ورڇ جو شڪار آهن، انهن جي پارٽي 8 حصن ۾ ورهائجي چڪي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي ۾ واضح گهٽٽائي جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، 9 سالن جو رڪارڊ ٽوڙيو آهي جنهن تي الله جا شڪر ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم هڪ سال جي تڪميل تي ڪابينا جي خصوصي پراگريس ريويو رکيو آهي جنهن ۾ صحافين کي به دعوت ڏني ويندي. هن چيو ته مون کي ياد نه آهي ته گذريل ڀيري ڪڏهن ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ۾ ويو، هاڻي شيون سرپلس ۾ وڃي رهيون آهن، اسان جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اهو آسان ڪم نه هو، معيشت جا سمورا انگ اکر مثبت آهن. هن چيو ته کوکلا نعرا هڻندڙ ماڻهن نه ليپ ٽيپ ڏنا، نه اسپتالون ٺاهيون، نه ڪو ايجوڪيشن جو نظام ٺاهيو، نه انهن هيلٿ جو نظام ٺاهيو، نه انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ڪئي، انهن بسون به هلايون ته اهي اُبتيون هلي پيون، اهو مڪافات عمل آهي، اهي لاهور کي جنگلا بس چوندا هئا ۽ جڏهن پنهنجي شهر ۾ ٺاهي ته اُبتي ٺاهي ڇڏي. هن چيو ته پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۾ ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري، هاڻي اهي مريم نواز جي ليپ ٽاپ اسڪيم جي پوئيواري ڪري رهيا آهن، اسان الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا ته پاڪستان ڊيفالٽ کان استحڪام ۽ استحڪام کان گروٿ طرف وڌي رهيو آهي، اڏار پاڪستان تحت ملڪ جي اندر هڪ استحڪام آيو ۽ هاڻي گروٿ جو سفر جاري آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي پذيرائي ٿي، هڪ سال جي اندر اسان مختلف هدف حاصل ڪيا، وزيراعظم سڀاڻي قوم آڏو حقيقتون پيش ڪندو، انگ اکر ڪڏهن ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا. کوکلا نعرا، ڪوڙ، الزام ۽ پاڻ ۾ ويڙهه ڪير ناهي چاهيندو، پاڪستان جي عوام چاهي ٿي ته مهانگائي ڪيئن گهٽ ٿيندي ۽ اڄ نظر اچي رهيو آهي ته مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي ۽ بهتري اچي رهي آهي. گارگند، ڌرڻي ۽ جلاءُ گهيراءُ جي سياست مان ماڻهن جي دلچسپي ختم ٿي وئي آهي. موجوده حڪومت جو هڪ سال مدو مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معاشي انگ اکر مثبت ٿيا آهن، سڀاڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي قوم آڏو رکندو ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت آگاهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان وائيٽ پيپر جاري ڪري چڪا آهيون، پنڪي، گوگي ۽ ڪپتان پنهنجا کيسا ڀريا، اهڙا ماڻهو جيڪي ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ بدران قوم کي گارگند، نفرت ۽ ورڇ تي اتساهين، اهي تاريخ جي ڪوڙي دان ۾ ڏٺا وڃن ٿا. انهن ماڻهن هڪ پراجيڪٽ تائين نه لڳايو، اربين رپين جو گهپلو ڪيو، قوم جا پئسا ڦريا، اڄ ان جي سزا ڀوڳي رهيا آهن. هن چيو ته سوشل ميڊيا ڪير استعمال ڪري رهيو آهي؟ آرٽيڪلز ڪير لکي رهيو آهي؟ لنڊن ۾ ڪجهه ماڻهو گاڏين جي پٺيان ڀڄن ٿا، اهي ذهني طور تي بيمار ماڻهو آهن جيڪي قوم کي گمراهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪوڙ ۽ الزام بازي جو بخار به آهستي آهستي گهٽ ٿي رهيو آهي، انهن جي سياست پنهنجي موت پاڻ مرندي، اهي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا، اهي قوم آڏو بي نقاب ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي هڪ ٻئي جا گريبان پڪڙي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته رمضان المبارڪ دوران اگهن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، اگهن ۾ اضافي جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته مهانگائي ۾ گهٽٽائي جا اثر عوام تائين اچڻ شروع ٿي ويا آهن، بجلي ۽ گئس جي بلن تي سبسڊي ڏني وئي، ٽاسڪ فورس ڪم ڪري رهي آهي، اسان وڏا وڏا آءِ پي پيز بند ڪيا، اهو آسان ڪم نه هو، ان ۾ وڏا وڏا گروپس موجود هئا، اربين رپين جي بچت ڪئي جنهن جو ڪنزيومر تائين فائدو پهتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ايندي ئي ٽي وي چينلز کي ادائيگيون ڪيون، جڏهن به مالڪن سان ميٽنگ ٿي اها ئي درخواست ڪئي ته ايمپلائيز کي پروٽيڪشن ڏني وڃي، اسان هيلٿ انشورنس کڻي آياسين، منهنجي ٻيهر انهن کي درخواست هوندي ته سمورا چينلز صحافين ۽ پنهنجي ننڍي درجي جي ملازمن جو خيال رکن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سياسي استحڪام جي حوالي سان ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪيو، هاڻي انهن سان ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڪير تيار نه آهي، اهي انتشار جي سياست ڪندا رهيا، مون کي نه ٿو لڳي ته انهن پاران معاملا اڳتي وڌندا، پي ٽي آءِ جي سائيڊ لائين ٿيڻ سان شين ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ مهانگائي ۾ نمايان گهٽٽائي آئي آهي، پيٽرول، اٽو سستو آهي جڏهن ته ٻين شين تي پڻ مثبت اثر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، وڌيڪ اگهن جي شڪايتن جو پرائيس ڪنٽرول مئجسٽريٽس نوٽيس وٺي رهيا آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بهتري نظر ايندي، عوام کي هر سهولت ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين.