لنڊن – 03 مارچ (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته هو پنهنجي ملڪ لاءِ نيٽو جي رڪنيت جي بدلي ۾ استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وائٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ميڊيا آڏو ملاقات ۾ تڪرار کانپوءِ ريبپلڪنز طرفان اها تجويز ڏني وئي هئي ته يوڪرين جي صدر کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق يوڪرين جي صدر لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده حالتن ۾ جيڪڏهن هو منهنجي جاءِ ڪنهن ٻئي کي ڏين ٿا ته اهو سادو يا آسان عمل نه هوندو. اهو رڳو هڪ اليڪشن تائين محدود نه هوندو، ايئن لڳي رهيو آهي ته توهان کي مون سان ئي ڳالهائڻو پوندو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو ته منهنجو اهو چوڻ ته مان نيٽو جي رڪنيت بدلي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ته ان سان منهنجو مشن پورو ٿيندو.