ڪراچي-01 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته صوبي مان منشيات جي خاتمي لاءِ گورنر هائوس ۾ شڪايتي سيل ٺاهي رهيا آهيون. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکندس ته هو جوابدارن کي رليف ڏيندڙ ججن خلاف ايڪشن وٺي. اها ڳالهه هن گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته مصطفيٰ عامر قتل ڪيس، هڪ موقعو آهي ته منشيات جي ناسور جون پاڙون پٽيون وڃن. هن چيو ته منشيات جا ڪيترائي قسم آهن جيڪي مختلف طريقن سان نوجوانن کي ڏنا وڃن ٿا. ان ڏس ۾ والدين پنهنجي ٻارن تي نظر رکن، کين ٻڌائين ته ڪنهن جي هٿ جي ڪا شئي نه کائو. هن چيو ته ڪاليج، اسڪولن کي به خط لکندس ته هو استادن ۽ ٻارن جو ان ڏس ۾ ٽيسٽ ڪرائين. هن چيو ته هن رمضان ۾ 10 لک ماڻهن کي افطاري ڪرائينداسين ان ڏس ۾ ماڻهو پنهنجي رجسٽريشن ڪرائين. هن چيو ته اقليتن کي به افطار جي دعوت ڏيان ٿو. هن چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ به افطار جو بندوبست ڪنداسين. هن چيو ته گورنر هائوس ۾ افطار، ڊنر، تراويح، نعت خواني، محفل قوالي ۽ سحري به ٿيندي. بي گهر ماڻهن کي ڪُڻن ذريعي پلاٽ به ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر چيو ته گهرو وزير ۽ گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي به خط لکي رهيو آهيان ته ڪو به شخص بنا رجسٽريشن جي بيشمار گارڊز پاڻ سان گڏ کڻي نه ٿو هلي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکيو ته ڊمپر حادثن تي ڪميشن جوڙي وڃي پر سندس وٽان ڪو جواب نه آيو آهي.