حيدرآباد- 01 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي توانائي واري کاتي جي سولر انرجي منصوبي جي تحت سولر هوم سسٽم جي ورهاست جي حوالي سان هڪ تقريب ٽنڊو ڄام ۾ منعقد ڪئي وئي. منصوبي جي پهرئين مرحلي ۾ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت 100 مستحق ماڻهن ۾ سولر هوم سسٽم ورهايا ويا، ان سسٽم ۾ هڪ پنکو، 3 بلب، چارجر ۽ هڪ سولر پليٽ شامل آهن. تقريب ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، ڊپٽي ميئر حيدرآباد صغير احمد قريشي، چيئرمين ٽي ايم سي حسين آباد عمير مولابخش چانڊيو سميت ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه کي سندس ڪاوشن تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته اڄ اسان پنهنجي واعدي موجب سولر هوم سسٽم جي تقسيم کي يقيني بڻايو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پهريان به سکر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ اهي پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن ۽ ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي وڌيڪ اڍائي لک گهرن کي سولر سسٽم فراهم ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي جيڪو ثابت ڪري ٿو ته هو ملڪ جو وزير اعظم بڻجڻ جو حقدار آهي. هن بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي خدمت کي ساراهيندي چيو ته هن برساتن دوران راتيون جاڳي متاثرن جي مدد ڪئي ۽ کين کاڌ خوراڪ سميت ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪيون هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت هر ڳوٺ ۾ هڪ سئو گهر تعمير ڪيا ويندا ۽ اهو دنيا جو هڪ عظيم منصوبو ثابت ٿيندو. هن صحت جي شعبي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي خدمتن جو ذڪر ڪندي چيو ته پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو انشاالله ايندڙ چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام هميشه پي پي پي تي اعتماد ڪندي رهي آهي ۽ انهيءَ ڪري مخالفن جا تمام اتحاد ناڪام ٿيا آهن. هن واضح ڪيو ته پي پي پي سنڌو دريا تي ڪو به ڪينال بڻائڻ نه ڏيندي ۽ جيستايئن پي پي پي موجود آهي ان جي قيادت واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به ڪينال جي تعمير جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته پي پي ئي ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي جو خاتمو ڪيو، اين ايف سي ايوارڊ ڏنو ۽ صوبائي خودمختياري کي يقيني بڻايو. عوام کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو ڪنهن جي ڳالهين ۾ نه اچي ڇاڪاڻ ته ماڻهو توهان کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر پي پي عوام جي دلين ۾ آهي ۽ ان جي محبت کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي تاريخ مان پي پي جو دور ڪڍيو وڃي ته ذڪر جوڳا ڪارناما باقي نه بچندا ڇاڪاڻ ته ملڪ جي دفاعي، صنعتي ۽ جمهوري ترقي ۾ پي پي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي ميزائل پروگرام، اسٽيل مل، ايٽمي قوت ۽ آئين جهڙا عظيم ڪارناما پي پي جي ڪري ئي ٿيا ڪامياب ٿيا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت هن تقريب کي منعقد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت تمام ڪابينا جا ميمبر پارٽي قيادت جي مشن تي عمل پيرا آهن. هن ٻڌايو ته هوم سولر سسٽم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت صرف 6 هزار رپين جي قيمت تي ڏنا پيا وڃن ۽ ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ مستحق ۽ غريب ماڻهن کي اها سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن ان ڳالهه جو پڻ اعلان ڪيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي بجلي گرڊز کي مستحڪم ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويندو جنهن سان هڪ سئو کان ٽي سو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪرڻ وارن صارفين کي مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پي پي جي سنڌ حڪومت پاران 21 لک گهرن جي تعمير ڪئي پئي وڃي جن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويندا.