اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ ٻه طرفي سياسي مشاورتن جي ڇهين دور جو بندوبست 28 فيبروري تي روم ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي طرفان ٻه طرفن لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي ۽ يورپي يونين جي روشني ۾ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي اڳواڻي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ڪري رهي هئي، جڏهن ته اطالوي وفد جي اڳواڻي سيڪريٽري جنرل ريڪارڊو گوارگليا ڪئي ٻنهي ڌرين ٻه طرفن لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي ۽ يورپي يونين جي روشني ۾ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ واپاري لاڳاپن کي اجاگر ڪندي معيشت، ترقي، زراعت، بچاءَ، اعليٰ تعليم ۽ عوام جو عوام وچ ۾ رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت تي زور ڀريو. پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل هلندڙ سال 30 جنوري تي اسلام آباد ۾ ٿيل ٻه طرفي قائونصلر مشاورتن جو به مثبت انداز ۾ جائزو ورتو. ٻنهي ڌرين ڪيترن ئي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي هڪجهڙي نقطئه نظر سان گڏوگڏ گڏيل قومن ۾ ويجهي هم آهنگي جي تعريف ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري پنهنجي اطالوي هم منصب کي پاڪستان اٽلي اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جي ٻئي وزارتي جائزه ڪانفرنس لاءِ اسلام آباد ۾ دعوت ڏيڻ لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو رسمي خط به حوالي ڪيو. ۽ ايندڙ سال پاڪستان ۾ ڳالهين جو ستون دور شروع ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.