اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان 3 مارچ تي بند رهندي، ڇاڪاڻ ته اهو ڏينهن زڪوات جي ڪٽوتي لاءِ بئنڪ موڪل قرار ڏنو ويو آهي. جنهن ڪري سموريون بئنڪون، ترقياتي مالي ادارا، مائيڪرو فنانس بئنڪ ڄاڻايل تاريخ تي عوام سان ڪا به ڏيتي ليتي نه ڪري سگهنديون. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان 3 مارچ تي عوام سان ڏيتي ليتي لاءِ بند رهندي. جڏهن ته سموريون ڪمرشل بئنڪون، ترقياتي مالياتي ادارا، مائيڪرو فنانس بئنڪن جا سمورا ملازم معمول موجب ڪم لاءِ آفيسن ۾ حاصل هوندا.