اسلام آباد-28 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي سيڪريٽري جنرل نيئر حسين بخاري اين اي 213 عمر ڪوٽ جي خالي سيٽ تي اميدوارن کان درخواستون طلب ڪري ورتيون. اين اي 213 تي پ پ جي ٽڪيٽ جا خواهشمند اميدوار پنهنجون درخواستون 50 هزار رپيا فيس سان 3 مارچ تائين زرداري هائوس اسلام آباد ۾ جمع ڪرائين. ڪالهه پ پ ميڊيا سيل طرفان جاري بيان موجب اين اي 213 عمرڪوٽ جي چونڊ سيٽ نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي کانپوءِ خالي ٿي هئي. اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 213 عمرڪوٽ جي چونڊ سيٽ تي نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 6 مارچ آهي. ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ پولنگ 17 اپريل تي ٿيندي.