اسلام آباد-28 فيبروري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سامونڊي معاملن جو شعبو معاشي ترقيءَ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، پائيدار معاشي ترقيءَ لاءِ سامونڊي واپار کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي. نيشنل ميري ٽائم پاليسي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي)، پورٽ قاسم سميت ٻين بندرگاهن تي انتهائي مهارت رکندڙ ٽيم موجود آهي، جيڪا سامونڊي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ميري ٽائم سيڪٽر مستقبل ۾ پاڪستان جي معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وفاقي وزير چيو ته گذريل سال سامونڊي شعبي کي اربين رپين جو نقصان ٿيو پر ان سال 100 ارب رپيا منافعي جو هدف مقرر ڪيو آهي، جنهن جي حاصلات جي وڏي اميد آهي. هن چيو ته 32 ارب رپين جي روانگي واپار جو هدف 4 سالن ۾ 60 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جو منصوبو آهي. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستاني بندرگاهون پنهنجي گنجائش کان 50 سيڪڙو گهٽ ڪم ڪري رهيون آهن، جيتوڻيڪ انهن ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، جيڪڏهن آمدني واپار ۽ روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 90 ارب ڊالر آهي ته توقع آهي ته ايندڙ 4 سالن ۾ اهو ٻيڻو ٿي ويندو. قيصر احمد شيخ چيو ته وچ ايشيائي ملڪن ۾ واپاري موقعا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن پر انهن وٽ پنهنجون بندرگاهون ناهن، ان لاءِ هو پاڪستان جي بندرگاهن تي ڀاڙي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سينٽرل ايشيائي ملڪن جو دؤرو ڪري رهيو آهي ته جيئن ان حوالي سان وڌيڪ موقعا ڳولي سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته هاڻ پاڪستاني بندرگاهن تي وڏن بحري جهازن لاءِ وڌيڪ گنجائش پيدا ڪئي پئي وڃي ۽ آئينده 4 ڪنٽيرن بدران 20 هزار ڪنٽينرز رکندڙ سامونڊي جهازن کي هينڊل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ وڏي انگ ۾ عالمي سامونڊي ڪمپنيون ۽ سيڙپڪار دلچسپي وٺي رهيون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪيترائي ملڪ پنهنجي جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو ميري ٽائم سيڪٽر مان حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ جي ڊي پي جو 7 سيڪڙو ميري ٽائم صنعت سان واڳيل آهي. پاڪستان به پنهنجي جي ڊي پي جو 5 سيڪڙو ان شعبي مان حاصل ڪري سگهي ٿو. قيصر احمد شيخ چيو ته پاڪستان ۾ ماهيگيري جو روانگي واپار 400 ملين ڊالر آهي، جڏهن ته اسان جا پاڙيسري ملڪ ان شعبي ۾ اسان کان تمام گهڻو اڳتي آهن. هن انڪشاف ڪيو ته سڄي دنيا جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ ماهيگيريءَ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن ٻُڌايو ته ڪورنگي فش هاربر کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ نئين ايڪشن هالز جي تعمير تي به سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته 60 سيڪڙو سرڪاري آمدني واپار ۽ روانگي واپار گوادر پورٽ مان ٿيندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گوادر پورٽ کي عالمي معيار موجب سهولتن سان همڪنار ڪيو ويندو ته جيئن ان کي هڪ جديد ۽ مڪمل بندرگاهه ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن چيو ته هي ورڪشاپ ميري ٽائم سيڪٽر جي ترقي ۽ ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن ان شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته لاڳاپيل ڪميٽيون ۽ ٽاسڪ فورس ميري ٽائم پاليسيءَ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي. هن پنهنجي خطاب جي پڄاڻيءَ تي خاطري ڪرائي ته پاڪستان جي سامونڊي صنعت مستقبل ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم بنائڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي.