انقره – 28 فيبروري (اي پي پي) ترڪيه چيو آهي ته يورپي سيڪيورٽي ڍانچي جي ٻيهر جوڙجڪ اسان کانسواءِ ممڪن نه آهي. ميڊيا رپورٽن موجب انقره ۾ البانوي پرڏيهي وزير اگلي حسني سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان چيو ته نيٽو جي ٻن اتحادين جي حيثيت سان البانيه سان فوجي ۽ دفاعي صنعت ۾ مضبوط سهڪار آهي. هن چيو ته 1 ۽ 2 مارچ تي ”يورپ جي سلامتي ۽ يوڪرين “ جي موضوع تي يورپي اڳواڻن جو اجلاس ٿيندو، جيڪڏهن يورپ پنهنجي سيڪيورٽي ڍانچي جي ٻيهر جوڙڄڪ چاهي ٿو ته اهو ڪم ترڪيه کان سواءِ نه ڪري سگهندو. هن چيو ته ان نقطي کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ترڪيه جهڙي فوجي طاقت کانسواءِ يورپ جو ڪو به سيڪيورٽي ڍانچو حقيقت تي ٻڌل نه هوندو.