کٽمنڊو – 28 فيبروري (اي پي پي) نيپال ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.1 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق نيشنل ارٿ مانيٽرنگ اينڊ ريسرچ سينٽر ٻڌايو ته زلزلو نيپال جي سنڌوپالچوڪ ضلعي ۾ ڀيراب ڪنڊا جي آس پاس آيو، جيڪو هماليا جي جابلو سلسلي جي ويجهو آهي جيڪو تربت جي سرحد سان گڏ هلي ٿو. جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز زلزلي جي شدت 5.6 ۽ اونهائي 10 ڪلوميٽر ٻڌائي آهي. زلزلي سبب فوري طور تي ڪنهن جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.