ڪراچي- 17 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو ساٿ ڏيڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ ۽ معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت ۽ فوج هڪ پيج تي آهن. پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ سڀني پاڪستانين کي هڪ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو. انهن خيالن جو اظهار هن برطانيا جي شهر لوٽن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو انتظام پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري ڪيو هو. تقريب ۾ درگاهه عيدگاهه راولپنڊي جو پير حسان حسيب الرحمان به شريڪ هو. گورنر چيو ته اوورسيز پاڪساني ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ملڪ سان سياست نه ڪرڻ گهرجي، اهو اسان سڀني جو ملڪ آهي. هن چيو ته اوهان جا والدين ۽ بزرگ پاڪستان مان آيا آهن. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي قيام سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بيشمار موقعا پيدا ٿيا، اوورسيز پاڪستاني ايس آءِ ايف سي وسيلي سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن چيو ته پاڪ فوج پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ ترقي جي ضامن آهي، اسان کي پاڪستان جي وقار ۽ عزت جو هر صورت خيال رکڻو پوندو.