رياض – 14 فيبروري (اي پي پي) اسلامي ملڪ رمضان شريف 1446هه جو چنڊ 28 فيبروري 2025 تي ڏسندا. پرڏيهي ميڊيا موجب 28 فيبروري تي رمضان شريف جي چنڊ جو مشاهدو اولهه ايشيا، اڪثر آفريقا ۽ ڏکڻ يورپ ۾ دوربين ذريعي ممڪن هوندو جڏهن ته اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جي وسيع علائقن ۾ اک سان ڏسي سگهجي ٿو. اسلامي دنيا ۾ جمعي جي ڏينهن چنڊ ڏسڻ جو امڪان موجود آهي ۽ اهو مغرب کان اڳ پيدا ٿيندو نڪرندو ۽ سج لهڻ کانپوءِ لهي ويندو ان ڪري اهڙن حالتن ۾ عام طور تي اسلامي ملڪن ٻئي ڏينهن رمضان المبارڪ جي شروعات جو اعلان ڪندا آهن. ان بنياد تي توقع ڪئي پئي وڃي ته اڪثر اسلامي ملڪ رمضان شريف جي شروعات ڇنڇر پهرين مارچ 2025ع تي ڪندا. فلڪيات جي ماهر انجنيئر محمد شوڪت عوده چيو آهي ته فلڪي حساب سان پهرين مارچ تي پهريون روزو ٿيندو جڏهن ته رمضان المبارڪ 29 ڏينهن جو ٿيندو ۽ 29 مارچ تي آخري روزو هوندو.