گڏيل قومون-13 فيبروري(اي پي پي) پاڪستان شام جي ڪجهه علائقن ۾ پيش آيل تشدد وارن واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اتي استحڪام لاءِ مضبوط سيڪيورٽي فريم ورڪ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪونسل کي ٻڌايو ته شام جي سلامتي جو مضبوط ۽ مربوط قومي فريم ورڪ ملڪ جي ڊگهي مدي واري استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۽ پرڏيهي مداخلت روڪڻ لاءِ اهم آهي. شام لاءِ گڏيل قومن جي خاص ايلچي گيئر پيڊرسن ۽ انساني همدردي بابت معاملن جي اسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جوائس مسويا پاران 15 رڪني ڪونسل کي عرب ملڪن ۾ سياسي ۽ انساني صورتحال تي بريفنگ جي موقعي تي پاڪستاني نمائندي چيو ته شام ۾ گذريل نومبر ۾ بشارالاسد جي اقتدار جي خاتمي کان پوءِ دهشتگردي جا واقعا پيش اچڻ شروع ٿيا آهن. هن چيو ته شام کي دهشتگردن جون محفوظ پناهه گاهون نه بڻجڻ گهرجي. اميد آهي ته نئين قيادت ملڪ کي امن، استحڪام ۽ خوشالي طرف رهنمائي ڪندي. هن چيو ته اسان کي شام جي گورننگ ڍانچي ۾ غير ملڪي دهشتگرد گروپن جي شموليت وارين خبرن تي ڳڻتي آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته اسرائيل جي لڳاتار فوجي ڪارواين ۽ بفر زون ۾ اڻڄاتل مدي تائين موجودگي برقرار رکڻ وارو اعلان 1974ع جي معاهدي جي خلاف ورزي آهي. منير اڪرم چيو ته انساني صورتحال لڳاتار ڳڻتي جوڳي آهي. 16.5 ملين شامين کي فوري طور تي امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته خوراڪ جي عدم تحفظ جي سارسنڀال واري نظام ۽ تعليم جي شعبي تي فوري طور تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پابنديون شام جي بحالي ۾ وڏي رڪاوٽ آهن ان لاءِ لاڳو ڪيل پابندين تي نظر ثاني ڪئي وڃي. شام ۾ معاشي ڏکيائين ۽ انسان بحران کي منهن ڏيڻ لا ءِ هڪ مناسب ۽ عملي نقطهءِ نظر جي ضرورت آهي ۽ شام ۾ امن استحڪام جو رستو، اعتماد جوڳي سياسي منتقلي، قومي اتحاد ۽ هڪ جامع گورننس فريم ورڪ جي پڻ ضرورت آهي. عالمي برادري کي ان عمل جي حمايت ۾ مصروف ۽ تعميري رهڻ گهرجي، جڏهن ته پاڪستان شام جي عوام سان گڏ آهي.