اسلام آباد -12 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جارجيوا، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ سڌارن تي ٻڌل پروگرام جي حوالي سان پاڪستان جي عزم ۽ ارادي کي ساراهيو آهي، انشورنس جو شعبو مک اهميت رکي ٿو، حڪومت انشورنس جي صنعت جي جائز مطالبن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پرعزم آهي. سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته دبئي ۾ وزيراعظم جون آءِ ايم ايف جي ٽيم سان تعميري ۽ فائديمند ڳالهيون ٿيون، آءِ ايم ايف طرفان اسان کي هاڪاري ردعمل مليو آهي. ملڪ ۾ معيشت مستحڪم ٿي، آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جارجيوا وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ سڌارن تي ٻڌل پروگرام جي حوالي سان پاڪستان جي عزم ۽ ارادي جي ساراهه ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪسيشن، توانائي، ايس او ايز، پينشن ۽ سرڪاري خرچن جي حوالي سان ڍانچا جاتي سڌارن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انشورنس شعبي جي حوالي سان سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جيڪي قدم کڻڻ شروع ڪيا آهن اهي ساراهه جوڳا ۽ اهميت رکندڙ آهن، اها سمورن شراڪتدارن تي ٻڌل مشاورتي حڪمت عملي آهي، حڪومت وٽ ان حوالي سان ڪا به گنجائش ۽ طاقت ناهي هوندي. ناڻي واري وزير چيو ته انشورنس جو شعبو مک اهميت رکي ٿو، انشورڊ پاڪستان ڏانهن وڃڻ لاءِ اسان کي بهتر، تيز ترين ۽ سستي طريقيڪار کي اپنائڻو پوندو، جيڪڏهن انشورنس جي ڪجهه شعبن جيئن زراعت ۾ نواڻ آئي آهي، تنهن هوندي به ڪجهه شعبا اهڙا آهن جتي طاقت کان گهٽ اڳڀرائي ٿي، اها خوشي جي ڳالهه آهي ته ان حوالي سان شراڪتدارن طرفان قدم کنيا پيا وڃن. ناڻي واري وزير چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ اهم چئلينج آهي ۽ رسڪ انشورنس سان واڳيل آهي، سمورن شراڪتدارن کي ان حوالي سان جامع حڪمت عملي اپنائڻ گهرجي. انشورنس جي سمورن شعبن ۾ نواڻ آڻڻ وقت جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ مختلف آپشنز کي اپنائڻو پوندو. هن چيو ته نون شعبن ۾ انشورنس طرف وڃڻ ضروري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪاروبار هلائڻ حڪومت جو ڪم ناهي، اسان جو ڪم پاليسي ٺاهڻ ۽ ان تي جٽادار بنيادن تي عمل ڪرائڻ آهي، حڪومت سمجهي ٿي ته سرڪاري شعبي جي انشورنس ڪمپنين جي نجڪاري ٿيڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. اسان جي ڪوشش آهي ته ريگوليٽري ماحول کي منصفاڻو بڻايو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت انشورنس جي صنعت جي جائز مطالبن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پرعزم آهي.