اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته عورتن معاشري جي ترقيءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، عورتون جيتريون بااختيار هونديون معاشرو اوترو ئي وڌيڪ ترقي ڪندو، اسان جي زندگين ۾ عورتن جو ڪردار وِسارڻ جوڳو ناهي، مان جڏهن پهريون ڀيرو پارليامينٽ ۾ آيو هئس ان وقت ۽ اڄ ۾ تمام فرق آهي، عورت پارلياماني ڪاڪس جي قيام لاءِ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر فهميده مرزا کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. هو قومي اسيمبليءَ ۾ وومين پارليامينٽري ڪاڪس جي انتظام هيٺ نيشنل وومين ڊي جي مناسبت سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ جي رڪارڊ ۾ قانونسازيءَ ۾ عورتن سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، قومي اسيمبليءَ جي ايوان ۾ عورت ميمبرن جي حاضري سڀ کان وڌيڪ هوندي آهي، عورت ميمبر قومي اسيمبلي جي تياري سان گڏوگڏ قومي اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ به حصو وٺن ٿيون ۽ عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ هميشه سڀني کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته عورتون سمورن شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ گهڻا قدم کنيا آهن، عورتون قومي اسيمبلي مان خدمتون وٺي سگهن ٿيون، اڄ عورتون بااختيار آهن، چئني صوبن ۽ وفاق ۾ عورتن کي نمائندگي حاصل آهي، سمورا قومي اسيمبليءَ جا مرد ميمبر عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ پُرعزم آهن، سمورين صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ هم آهنگي ضروري آهي، وفاق مضبوط ٿيندو ته صوبا به مستحڪم ٿيندا، وفاق، صوبا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اسيمبلين ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻي پوندي. اسپيڪر چيو ته سمورا صوبا آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان منهنجي دل جي ويجهو آهن، اسپيڪر ڪانفرنس عيوض صوبن ۽ وفاق ۾ هم آهنگي کي هٿي ملي آهي، قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن کي باقي صوبن به اختيار ڪيو آهي، وومن ڪاڪس، چائلڊ ڪيڪس، ايس ڊي جيز، ينگ پارليامينٽرين فورم جو قيام قومي اسيمبليءَ جا نمايان قدم آهن، صوبن به قومي اسيمبليءَ جي طرز تي انهن فورمز جي قيام تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي.