راولپنڊي-06 فيبروري (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان مالديپ جي چيف آف ڊفينس ميجر جنرل ابراهيم هيلمي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دفاعي لاڳاپن ۽ گڏيل فوجي سرگرميون وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ميجر جنرل ابراهيم، جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊيءَ جو دؤرو ڪيو. جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز اچڻ تي چُست جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ميجر جنرل ابراهيم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ٻنهي ڌُرين فوجي مصروفيتن ۽ گڏيل قدمن سميت موجوده تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ميجر جنرل ابراهيم پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ ڪاميابين کي ساراهيو ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج جي قربانين جي به تعريف ڪئي.