اسلام اباد-06 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين حج رهتن جي وصوليءَ جي حوالي سان قومي بئنڪن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب بئنڪن کي چيو ويو ته حج رهتن جي ٽين قسط 6 فيبروريءَ کان 14 فيبروريءَ تائين وصول ڪئي ويندي. ڊگهي مُدي جي حج 10 لک 50 هزار رپيا مختصر مُدي جو حج 11 لک رپيا ڪيو ويو آهي. 2 ۽ 3 ڪمرن جي اضافي سهولت جي رقم هڪ لک 86 هزار ۽ 60 هزار کان گهٽ ڪئي وئي آهي. هي فرق حج بقايائن جي ٽين قسط ۾ گهٽتائي ڪري وصول ڪيو ويندو. حج گروپ ليڊر جي اجازت سان ڊگهي ۽ گهٽ مُدي جي حج مُدت ۾ تبديلي، رهائشي ڪمرن جي سليڪشن به تبديل ڪري سگهجي ٿي. هي اهڙي صورت ۾ ممڪن ٿيندو ته گروپ جي ڪنهن درخواستگذار ٽين قسط اڃا تائين ادا نه ڪئي هجي. اهي درخواستون جيڪي اڃا تائين حج بقايائن جي ٻي قسط ادا نه ڪيون اهي ٽين قسط سان ٻي قسط جي به رقم جمع ڪرائي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح قربانيءَ جو آپشن به تبديل ڪري سگهجي ٿو. سمورن بئنڪن کي چيو ويو آهي ته حج بقايائن جي وصولي جي ڪمپيوٽرائزڊ رسيد درخواستگذارن کي فراهم ڪري. ٽين قسط جي ادائگيءَ جو نشان جيستائين ڪمپيوٽر تي مارڪ نه هوندو ان وقت تائين ٽين قسط جي وصولي ادا نه ٿيڻ ۾ شمار هوندي.