اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪرڪ ۾ پوليس چوڪي بهادر خيل تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته خيبر پختونخوا پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن تي موجود آهي. پوليس جي بهادر سپاهين هميشه پنهنجي رت سان وطن عزيز جي امن جي حفاظت ڪئي. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي فائرنگ سبب شهيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي .سندس چوڻ هيو ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن رات جي اونداهي ۾ پوليس چوڪي تي بزدلاڻو حملو ڪيو ، خيبر پختونخوا پوليس جي شهيد اهلڪارن جي قربانين کي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.