ڪوئٽه – 06 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي اترين علائقن ۾ شديد ٿڌ جي لهر برقرار آهي، ڪوئٽه ۾ گرمي پد ڪاٽو06 ڊگري تائين پهچي ويو آهي. موسميات کاتي موجب بلوچستان صوبي جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي جڏهن ته صوبي جي ڪنهن به ضلعي ۾ برسات جو امڪان نه آهي. سڀ کان وڌيڪ گرمي پد قلات ۾ ڪاٽو 08 ڊگري سينٽي گريڊ ريڪاڊ ڪيو ويو .ڪوئٽه شهر ۾ ٿڌيون هوائون لڳي رهيو آهن جڏهن ته شهر ۾ گرمي پد ڪاٽو 06 ڊگري سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته گوادر ۾ 10، تربت 09، جيواني12، سبي 06، نوڪنڊي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 06 ڊگري سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو ويو.