واشنگٽن- 04 فيبروري (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ ترقياتي ڪم ڪندڙ آمريڪي امدادي ۽ ترقياتي ايجنسي يو ايس ايڊ جي عملي کي واشنگٽن ۾ قائم اداري جي هيڊڪوارٽر کان ٻاهر رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يو ايس ايڊ جي عملي چيو ته 600 کان وڌيڪ ملازمن جي اداري جي ڪمپيوٽر سسٽمز تائين رسائي به معطل ڪري ڇڏي آهي پر جن کي اڃان تائين سسٽم تائين رسائي حاصل آهي کين اي ميل موصول ٿي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايجنسي جي قيادت جي هدايت تي هيڊڪوارٽر جي عمارت عملي لاءِ بند رهندي. اها اڳڀرائي ارب پتي شخصيت ايلون مسڪ جي اعلان بعد سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن صدر ٽرمپ سان ٿيل ڳالهين جو حوالو ڏيندي چيو ته 6 سالن کان قائم آمريڪي امدادي ۽ ترقياتي ايجنسي کي بند ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. صدر ٽرمپ، ايلون مسڪ کي وفاقي ايجنسين جي نئين سر جوڙجڪ ۽ حڪومتي سطح تي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي اهم ذميواري ڏني آهي.