واشنگٽن -03 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا روس ۽ يوڪرين سان رابطن جي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيوآهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه صدر ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن ويجهو اينڊريوز ايئر فورس بيس تي هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته آمريڪي حڪومت روس ۽ يوڪرين سان ملاقاتن ۽ رابطن جو منصوبو ٺاهيو آهي، اسان اسرائيل، يوڪرين ۽ روس سان ڊيل ڪري رهيا آهيون. اميد آهي ته اها ڳالهه ٻولهه فائديمند ثابت ٿيندي.