اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت حج 2025ع لاءِ سرڪاري اسڪيم جي پانڌيئڙن جي ٽئين قسط جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. وزارت جي ترجمان مطابق سرڪاري حج اسڪيم ۾ رهتن جي ٽئين قسط 6 کان 14 فيبروري تائين نامزد بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿي. ترجمان مطابق حج تربيتي پروگرام جو پهريون مرحلو جاري آهي. سڄي ملڪ ۾ تعلقي ۽ ضلعي سطح تي حاجين لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن. حج تربيت جو ٻيون مرحلو رمضان المبارڪ کانپوءِ آخري حج اڏام تائين جاري رهندو.