فيصل آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، اسٽيٽ بئنڪ بئنڪنگ سروسز آف پاڪستان سميت سموريون شيڊولڊ بئنڪون ۽ مالياتي ادارا يوم يڪجهتي ڪشمير جي سلسلي ۾ عام موڪل سبب 5 فيبروري اربع تي مڪمل طور بند رهندا ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا مالياتي ڏي وٺ يا معاشي ڪاروبار نه ٿيندو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان فيصل آباد جي چيف منيجر ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان باضابطه سرڪلر به جاري ڪيو ويو آهي.