واشنگٽن-28 جنوري (اي پي پي) آمريڪي انصاف واري کاتي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ڏوهاري ڪيس ۾ ملوث ڪيترن ئي عهديدارن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اي ايف پي مطابق انصاف واري کاتي جي عهديدار چيو ته وقتي اٽارني جنرل جيمز ميڪ هينري اهو فيصلو ڪيو ڇو ته سندس خيال ۾ صدر خلاف ڪيس هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙن تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي ته هو ايمانداري سان صدر جي ايجنڊا تي عمل درآمد ڪندا. لاڳاپيل عهديدار اهو واضع ناهي ڪيو ته ڪيترن اهلڪارن کي برطرف ڪيو ويو آهي پر آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته 12 کان وڌيڪ ماڻهن کي ملازمت تان برطرف ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ اڪثر انصاف کاتي سان پراسيڪيوٽر طور لاڳاپيل هئا.