گڏيل قومُون-24 جنوري (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۽ عرب ليگ جي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ان سان دهشتگردي، منظم ڏوهه ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن عالمي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ۾ عرب دنيا ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي اڳيان وڌائڻ ۾ 22 رڪني تنظيم عرب ليگ جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي هن چيو ته تڪرارن جي حل، انساني مدد ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۾ عرب ليگ جون ڪوششون علائقائي بحرانن کي مُنهن ڏيڻ ۾ اهم رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان عرب دنيا سان پنهنجي تاريخي ۽ گهرن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ علائقائي تڪرارن جو حل، ڳالهين ۽ تڪرارن جي پُرامن حل کي هٿي ڏيڻ لاءِ عرب ليگ جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. خاص طور تي اهي تڪرار جيڪي پرڏيهي قبضي ۽ خوداراديت کان انڪار جو نتيجو آهن ۽ ان ۾ فلسطين ۽ والاريل ڄمون ڪشمير جا تڪرار خاص طور تي قابل ذڪر آهن. هن چيو ته انهن ادارن وچ ۾ اثرائتي ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ جي فرق کي مُنهن ڏيڻ سان گڏوگڏ جٽادار فنانسنگ کي به يقيني بڻائڻ گهرجي. منير اڪرم چيو ته عرب ليگ کي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي)، اقتصادي تعاون تنظيم ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم (آسيان) سان به رابطا وڌائڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ليگ آف عرب اسٽيشن وچ اوڀر جي اهم مسئلي فلسطين جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستاني نمائندي جنگبندي باوجود اولهندي ڪناري خاص طور تي جنين ۾ اسرائيلي تشدد ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عرب ليگ عرب دنيا ۾ امن، سلامتي ۽ ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪيو آهي ۽ تڪرارن جي حل، انساني امداد ۽ ڳالهين کي هٿي وٺرائڻ جون ان تنظيم جون ڪوششون علائقائي بحرانن کي مُنهن ۾ اهم رهيون آهن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان غزه ۾ جنگبندي جي حمايت، ان کي مستقل بڻائيندي، غزه جي ڦاٿل عوام کي انساني بنيادن تي رليف يقيني ۽ ٻه رياستي حل جي لاءِ سفارتي عمل کي بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو. سندس چوڻ هو ته عرب ليگ لبنان، شام، سوڊان ۽ صوماليه جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته مان عرب ليگ ۽ مسلم دنيا جي پنهنجن ساٿين کي خاطري ڪرايان ٿو ته پاڪستان انهن گهڻن چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ انهن سان گڏ ڪم ڪندو جن جو اسان کي عرب ۽ مسلم دنيا ۾ گڏيل طور مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ان کان اڳ سياسي ۽ امن سازي جي معاملن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل خالد خيري غزه ۾ جنگبندي کان وٺي شام، يمن، سوڊان ۽ ليبيا جي بحرانن تائين مسلسل تڪرارن جي شڪار خطي ۾ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ عرب ليگ جي اهم ڪردار تي روشني وِڌي.