انقره-22 جنوري (اي پي پي) ترڪيه جي مخالف ڌر پارٽي جي سربراهه کي سوشل ميڊيا تي پناهگيرن جي مخالفت ۾ پوسٽون ڪرڻ ۽ عوام کي تشدد تي ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ جي مخالفت ڪندڙ پارٽي وڪٽري پارٽي جي سربراهه اوميت اوزداغ کي پوليس جاچ ڪرڻ لاءِ حراست ۾ ورتو هو، اوميت تي الزام لڳايو ويو هو ته هن هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي تقرير ۾ صدر رجب اردوان جي توهين ڪئي آهي، استنبول چيف پبلڪ پراسيڪيوٽر جي آفيس اوميت اوزداغ کي صدر جي توهين جي الزام ۾ آزاد ڪيو هو پر گڏ ئي عوام کي نفرت ۽ مخالفت تي ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا هئا. پراسيڪيوٽر جي آفيس گذريل سال ترڪيه جي سينٽرل صوبي قيصري ۾ شامي پناهگيرن جي مخالفت ۾ ٿيل فسادن جو ذميوار به اوميت اوزداغ کي قرار ڏنو هو. انهن فسادن ۾ شامي پناهگيرن جي سوين گهرن ۽ ڪاروبارن تي حملا ڪيا ويا هئا. وڪٽري پارٽي جو 63 سالن جو سربراهه اوميت اوزداغ جو تعلق تعليم جي شعبي سان رهيو آهي ۽ ترڪيه جي پناهگيرن جي حوالي سان پاليسي جي کليل مخالفت ڪندو آيو آهي، اوميت ترڪيه ۾ لکن جي تعداد ۾ پناهه وٺندڙ شامي شهرين کي ملڪ مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پارٽي جو چوڻ آهي ته اوميت اوزداغ کي استنبول جي ڀرپاسي ۾ سيليوري جي علائقي ۾ واقع جيل ۾ قيد ڪيو ويو آهي.