دبئي-22 جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي سائبر سيڪيورٽي ڪائونسل جو چوڻ آهي ته امارات کي روزانو 2 لک کان وڌيڪ سائبر حملن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جيڪي ان جي اسٽريٽجڪ شعبن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سائبر حملن جو بنيادي هدف حڪومتي شعبو رهيو جيڪو مجموعي حملن جو 30 سيڪڙو آهي. مالياتي ۽ بينڪاري شعبي سان گڏ تعليمي شعبي تي حملن جي شرح 7 سيڪڙو جڏهن ته ٽيڪنالاجي، ايوي ايشن ۽ هيلٿ ڪيئر جي شعبن کي 4 سيڪڙو حملن کي منهن ڏيڻو پيو. قومي سائبر سيڪيورٽي نظام حملن جي قسمن جو تجزيو ڪيو جنهن مان اها ڳالهه سامهون آئي ته غلط ڪنفيگريشن سبب 27 سيڪڙو حملا ٿيا. ڪائونسل خبردار ڪيو ته 2025ع ۾ انهن حملن ۾ مسلسل اضافي جو امڪان آهي. مصنوعي ذهانت تي ٻڌل سائبر حملا وڌي رهيا آهن جن ۾ ڊيپ فيڪ، سوشل انجنيئرنگ ۽ مالويئر ۾ مصنوعي ذهانت جو استعمال شامل آهي. اهي حملا ڊجيٽل انفراسٽريڪچر لاءِ وڏا چيلنجز پيدا ڪري رهيا آهن ۽ جديد ٽيڪنيڪ کانسواءِ انهن کي ٽريڪ ڪرڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي. سائبر سيڪيورٽي ڪائونسل سمورن سرڪاري ۽ نجي ادارن تي زور ڏنو ته هو سائبر سيڪيورٽي جي معيار تي سختي سان عمل ڪن ته جيئن انهن حملن کان بچي سگهجي ۽ ڊيجيٽل سسٽم کي محفوظ رکي سگهجي.