لاهور-19 جنوري (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪالهه هتي پنهنجي تڪ اين اي 127 جو دورو ڪيو ۽ يونين ڪائونسل 240 ۾ گهٽين ۽ سيوريج جي تعمير سميت رڪارڊ ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تڪ جي عوام کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته چونڊن ۾ ترقياتي ڪمن جو واعدو ڪيو هو، اڄ انهن کي پورو ڪرڻ آيو آهيان. هن چيو ته ٻار ٻار کي خبر آهي ته واچ چور عمران نيازي 190 ملين پائونڊ جو ڌاڙو هنيو، ٻين کي چور چوندڙ ملڪ جو سڀ کان وڏو سنديافته چور ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته مديني جي رياست جو نالو وٺندڙ اسرائيل کان پرڏيهي فنڊ وٺي ملڪ خلاف استعمال ڪندو رهيو. معاشي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته موجوده حڪومت جي هڪ سال دوران ئي دنيا تسليم ڪري رهي آهي ته پاڪستاني معيشت بهتر ٿي رهي آهي. پاڪستان جا دوست ملڪ به هاڻي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان اچي رهيا آهن جن کي پي ٽي آءِ چيئرمين ناراض ڪري ڇڏيو هو. مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف جي اڳواڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن. جلد گئس ۽ بجلي سميت کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻي عام ماڻهو جي زندگين کي آسان بنائينداسين. ترقي ۽ خوشحالي مسلم ليگ (ن) جو منشور آهي.