لاهور-19 جنوري (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سڄي دنيا پي ٽي آءِ جو بدعنوان چهرو ڏسي چڪي آهي، عدالتي فيصلي پي ٽي آءِ باني جي بدعنوان هجڻ تي مهر لڳائي ڇڏي آهي، هاڻي اوهان آئوٽ ٿي چڪا آهيو، 190 ملين پائونڊ ملڪي تاريخ جو وڏو ڌاڙو آهي، بند لفافي ذريعي اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي، معاشي ترقي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن اين اي 127 جي يونين ڪائونسل 238 ۾ ترقياتي رٿائن جي افتتاح جي موقعي تي پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) عوامي پارٽي آهي ۽ ان کي عوام جي بنيادي مسئلن جو اندازو آهي، عوام سان چونڊن ۾ ڪيل واعدن جي پڄاڻي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون، معاشي ترقي ۽ عوام کي رليف پهچائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، ملڪي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي، هن چيو ته معاشي محاذ تي مثبت خبرون اچڻ جو سلسلو جاري آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري جو اعتراف ڪيو پيو وڃي. گذريل سال مهانگائي 38 سيڪڙو هئي جيڪا گهٽ ٿي 3.9 سيڪرو تي اچي وئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي رهي آه، وفاقي وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙو هو، جڏهن ان جي جوابدار ۽ ساٿين کي سزا ٿي ته اهو نه چئي رهيا آهن ته اسان ڪرپشن ڪئي هئي، اين سي اي پئسو پاڪستان حڪومت کي ڏنو، هنن پنهنجن کيسن ۾ وڌو، بند لفافو ڪابينا کان منظور ڪرايو، پنج، پنج قيراط جون منڊيون گهريون، لاهور ۾ 25 ڪروڙ جوگهر ٺهرايو، فرح گوگي 200 ڪينال زمين حاصل ڪئي، 60 ڪينال هنن حاصل ڪئي. پنهنجي رشوت، ڌاڙي ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ مذهب ڪارڊ کي استعمال ڪرڻ تي کين شرم به نه آيو، عطاءُ الله تارڙ چيو ته اوهان اپيل ڪريو يا جتي مرضي وڃو، 190 ملين پائونڊ ڌاڙي جو اوهان وٽ ڪو جواب ناهي، جيڪڏهن جواب هجي ها ته ڪڏهن به اهو نه چئو ها ته اسان سيرت تي هلي رهيا هئاسين، پي ٽي آءِ جي پوري ليگل ٽيم کي چئلينج آهي ته ثابت ڪري ته ڪابينا بند لفافو منظور نه ڪيو؟ اين سي اي پئسو پاڪستان حڪومت حوالي نه ڪيو؟ پي ٽي آءِ باني کي چئلينج آهي ته ثابت ڪري ته القادر ٽرسٽ ۾ ڪهڙي سيرت جا ڪورس ڪرايا پيا وڃن؟ ڪو عالم فاضل ٻڌايو ته جيڪو اتي وڃي سيرت جو ڪورس پڙهائي رهيو آهي؟ اوهان جي ڪرپشن ۽ ڌاڙو ثابت ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جي وڏين وڏين اخبارن ۾ سرخيون لڳيون آهن ته اڳوڻي وزيراعظم پي ٽي آءِ باني چيئرمين جي ڪرپشن پڪڙي وئي، پوري دنيا اوهان جو اصل چهرو ڏسي ورتو آهي، هاڻي اوهان آئوٽ ٿي چڪا آهيو، هن چيو ته عدالتي فيصلي پي ٽي آءِ باني جي ڪرپٽ هجڻ تي ثابتي جي مهر لڳائي ڇڏي، جوابدار کي سزا اچڻ تي پي ٽي آءِ وارن چوري کي لڪائڻ لاءِ ان کي اسلامي ٽچ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته القادر يونيورسٽي ۾ اسلامي تعليم ڏني پئي وڃي، ڪهڙي اسلامي تعليم اتي ڏني پئي وڃي، اتان اڄ تائين ڪو به شخص ديني تعليم حاصل ڪري عالم بڻجندي نه ڏٺو ويو. وفاقي وزير چيو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ باني جو اصل چهرو قوم آڏو ظاهر ٿي چڪو آهي. هاڻي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪهڙي سياسي پارٽي ڪرپٽ آهي جيڪا ملڪ کي نقصان پهچائڻ لاءِ مڪروه سازشن ۾ ملوث آهي ۽ ڪهڙي محب وطن آهي جيڪا ڏينهن رات جدوجهد ڪري پاڪستان کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ هن ملڪ ۾ نفرت جو ٻج پوکيو، ورهاست جي سياست ڪئي، سياست کي گدلو ڪيو، اسان ته اڄ به خدمت جي سياست ڪري رهيا آهيون، عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا پورا ڪري رهيا آهيون، علائقي جي تقدير بدلائڻ آيا آهيون، اسان جي قائد ۽ پارٽي اسان کي هڪ ئي شيءَ سيکاري آهي ته عوام جي خدمت ڪندا رهو، چونڊن ۾ جيڪي واعدا ڪيا هئا ته معيشت بهتر ٿيندي ، محمد نواز شريف جي اڳوڻي ۾ شهباز شريف ۽ مريم نواز ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، اڄ ملڪ ۾ بهتري نظر اچي رهي آهي، اوهان کي چيو هو ته هر شيءَ سستي ٿيندي، عوام جا مسئلا حل ٿيندا، ڏينهن رات محنت ٿي رهي آهي، جنهن ڏينهن پي ٽي آءِ جي باني کي سزا ٿي، ان ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ هزار پوائنٽس مٿي وئي، ان جو مطلب آهي ته بزنس ۽ ملڪ جي معيشت تي ان سزا جو مثبت اثر پيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ملڪ جي خدمت جاري رکنداسين، محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾ جهڙي طرح وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ خدمت ڪري رهيا آهن، اسان انهن جي طاقت بڻجي اڳتي وڌنداسين، هي ملڪ ترقي ڪندو، ان جو عوام خوشحال ٿيندو، پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو، هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي محنت ملڪ کي ڊفالٽ کان بچايو، ملڪ هاڻي ترقي ڪري رهيو آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، وياج جي شرح گهٽ ٿي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي بهترين اسٽاڪ مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته تڪ ۾ گئس جو مسئلو حل ڪنداسين، هن شاندار استقبال تي ورڪرن جو ٿورو مڃيندي چيو ته تڪ جي عوام کي چيو هو ته دل جو رشتو بڻيل رهندو، هن تڪ کي ماڊل بڻائي ساهه پٽينداسين.