اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سعودي عرب ۾ پاڪستان جي پريس قونصلر محمد عرفان جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ محمد عرفان ۽ ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته محمد عرفان جي والد جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته والد جو لاڏاڻو تمام وڏو سانحو آهي، والد جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن ڀرجي نه سگهبو، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.