اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر، سنڌ جي منصوبابندي وارو وزير، چيف سيڪريٽري سنڌ، پي اينڊ ڊي سنڌ جو چيئرمين ۽ سنڌ جي ناڻي وارو سيڪريٽري پڻ ان موقعي تي ساڻس گڏ هئا. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ لاڳاپيل وفاقي ڊويزن جي سيڪريٽريز پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات دوران سنڌ جي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ شامل جاري ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتوويو. اجلاس ۾ نظرثاني ٿيل منصوبن جي لاءِ مختص رقم، عمل آوري ۽ منظوري بابت غور ڪيو ويو جن ۾ خاص طور تي رستي جا رابطا، پاڻي جا ذخيرا، اسڪولن جو انفراسٽرڪچر ۽ هائوسنگ بابت منصوبا شامل آهن. اهڙن منصوبن جي منظوري ۽ عملدرآمد جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته منظور ٿيل لاڳت جي اندر منصوبن جي وقت سر تڪميل سنڌ صوبي جي ترقي ۽ آبادي جي بهتري جي لاءِ لازمي آهي. نائب وزيراعظم وڏي وزير کي وفاقي حڪومت جي سمورن منظور ٿيل منصوبن جي لاءِ فنڊ مڪمل ۽ وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو يقين ڏياريو. هن ان ڳالهه جو پڻ يقين ڏياريو ته جاري منصوبن جي لاڳت ۾ ڪنهن به قسم جي اضافي تي فيصلي جي لاءِ سي ڊي ڊبليو پي ۽ ايڪنيڪ پاران تيزي سان غور ڪيو ويندو.