ميلبورن-14 جنوري (اي پي پي) اطالوي ٽينس اسٽار، دفاعي چيمپئن ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ جينڪ سنر ۽ سربين ٽينس اسٽار ۽ 24 گرينڊ سلام جو فاتح نوويڪ جوڪوچ آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي شروعات ڪندي ٻي رائونڊ ۾ پهچي ويا. دفاعي چيمپئن اٽلي جي جينڪ سنر مردن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ چلي جي مخالف رانديگر جيري فلول کي شڪست ڏني، جڏهن ته سربين ٽينس اسٽار نوويڪ جوڪوچ پهرين ميچ ۾ آمريڪي مخالف رانديگر نشيش بسواريڊي کي شڪست ڏني.