ڪراچي-09 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حڪومت واپارين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي، حڪومت نجي ماڻھن کي کليل آڇ ڏني آھي ته اُھي صنعتي زون قائم ڪن ته جيئن ملڪي معيشت کي سهارو ملي ۽ وڌ کان وڌ روزگار لاءِ سيڙپڪاري ٿئي ۽ روز گار جا نوان موقعا پيدا ٿين. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز پاران سندس اعزاز ۾ ڏنل مانجھاندي جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو صدر آصف علي زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، واپارين، صنعتڪارن ۽ سڀني ڪاروباري ماڻهن جي اھميت کي سمجھن ٿا ڇو جو ملڪي معيشت جو وڏو حصو واپارين ۽ صنعتڪارن جو آهي، واپاري ۽ صنعتڪار سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندا آهن، صنعتن جي ڪري لکين ماڻهن کي روزگار ملي ٿو ۽ ان لاءِ ڪاروباري برادري کي سھولتون ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ملڪي معيشت ۾ بهتري سان گڏ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿي سگھن، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت واپارين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي. حڪومت طرفان نجي ماڻھن کي کليل آڇ ڪئي وئي تھ آھي تھ اُھي صنعتي زون قائم ڪن تھ جيئن ملڪي معيشت کي سهارو ملي، وڌ ۾ وڌ روزگار سيڙپڪاري ٿئي ۽ روز گار جا نوان موقعا پيدا ٿين. صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي واپارين جي مسئلن بابت آگاهي ڏيندس. هن چيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون واپارين لاءِ هڪ سونهري موقعو آهي، ڇاڪاڻ ته ان تي ڪا به امپورٽ ڊيوٽي ناهي ۽ 10 سالن جي ٽيڪس ڇوٽ آهي ۽ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون سي پيڪ سان ڳنڍيل آهي، جنهن سان واپارين ۽ صنعتڪار کي تمام گھڻو فائدو ٿيندو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملير ايڪسپريس وي جو افتتاح ٻن ڏينهن اندر ٿيڻ وارو آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان جو افتتاح ڪندو. ملير ايڪسپريس وي ڪراچي توڙي پوري پاڪستان لاءِ هڪ وڏو ۽ جديد ترين تحفو آهي، ھي ايڪسپريس وي صنعتڪارن لاءِ آساني پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته ييلو لائين بي آر ٽي بورڊ جي اجلاس ۾ ڪاٽي جي نمائندي کي خاص دعوت ڏني ويندي. اسان جي ڪوشش آھي ته ڄام صادق پل جو ڪم 08 مهينن اندر مڪمل ٿي وڃي، هن وقت به سنڌ حڪومت پاران ڪراچي سبسڊي تي ٽرانسپورٽ ھلائي پئي وڃي، پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري اي وي بسون ۽ عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بس سنڌ سرڪار متعارف ڪرايون، ييلو لائن بي آر ٽي ۾ ڊيزل هائبرڊ بسون شامل هيون، اسان ييلو لائن بي آر ٽي ۾ اي وي بسون آڻن چاھيون ٿا. سنڌ سرڪار جلد اي وي ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ وڃي رھي آھي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت جي ڪري ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ ڪا به دير ناهي ٿي، يوٽيلٽيز جي منتقلي جي ڪري ڪم ۾ دير ٿي، اسان هن سال ڪراچي شهر لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون آڻي رهيا آهيون، اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين ته ڊبل ڊيڪر بسون هن سال شاهراه فيصل تي هلي سگهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تمام سٺي آهي، پر اشوز آهن. اڳي 10- 10 ڏينهن هڙتالون ٿينديون هيون، ڪم بند هوندو هو ۽ ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو هو. هاڻي اهڙي صورتحال ناهي. هاڻي اسان جو ملڪ سيڙپڪاري لاءِ محفوظ ملڪ آهي، اسٽريٽ ڪرائيمس جي معاملي ۾ ڪراچي جي صورتحال دنيا جي ٻين شهرن کان تمام بهتر آهي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جو 190 ارب رپين جو سيس سپريم ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهي، اسان مختلف قانوني ماهرن کي آن بورڊ ورتو آهي ته جيئن سنڌ حڪومت کي جلد کان جلد اهي پئسا ملي سگهن ۽ هي پئسا انفرا اسٽرڪچر تي خرچ ڪري سگھجن، اسان سڀني کي ڪجهه معاملن ۾ سنجيدگي کان ڪم وٺڻو پوندو.هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي هڪ وڏو مسئلو آهي، پاڻي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي-4 ۽ حب ڪينال رٿائن تي ڪم ھلي رهيو آهي، سنڌ سرڪار ڪچرو کڻڻ ان کي گڏ ڪرڻ لاءِ سالڊ ويسٽ کي اربين رپيا ڏئي رهي آهي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ماڻھن جا دروازا کڙڪائي ڪچرو کنيو پيو وڃي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري جي ويزن مطابق ڪم ڪري رهي آهي. اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي، گمبٽ اسپتال ان جا بهترين مثال آهن. اين آءِ سي وي ڊي جا ڪيترائي يونٽ کوليا ويا آھن. گمبٽ ۾ جگر ۽ ڦڦڙن جو ٽرانسپلانٽ ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار عوام لاءِ سائبر نائيف جي سهولت پڻ شروع ڪئي آهي، دنيا ۾ صرف 11 ملڪن ۾ سائبر نائيف وسيلي علاج ڪيو ويندو آھي، جنھن تي پنجاھه لک کان ھڪ ڪروڙ تائين خرچ ايندو آھي، سنڌ ۾ سرڪار طرفان اھا سھولت مفت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ سرڪار پاران ان فٽ گاڏين جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن، گاڏين جي انسپيڪشن ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، اُن ۾ تمام گهڻي مخالفت ۽ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هاڻي جيڪا به گاڏي فٽ نه هوندي اھا روڊن تي نه ھلندي، ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار قدم کڻڻ وڃي رھي آھي، ٽريفڪ جي نظام جي حوالي سان به سختي ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز جي صدر جنيد نقي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي روڊن تي ھيوي ٽريفڪ بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ڳري ٽريفڪ جي ڪري حادثا ٿين ٿا ۽ ان حوالي سان قانون تي سختي سان عمل ۽ اثرائتي حڪمت عملي جي ضرورت آهي.هن چيو ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا 12,000 ايڪڙ تي پکڙيل آهي. گذريل 12 سالن ۾، اهو پاڪستان جو سڀ کان وڏو صنعتي علائقو بڻجي چڪو آهي، جيڪو 12,500 ايڪڙن تي پکڙيل آهي. ايڪسپورٽ ۾ واڌ آئي آھي ، چمڙي جي ايسڪپورٽ ۾ هڪ وڏو حصو ڪورنگي مان ايندو آهي. تقريبن 60 کان 70 سيڪڙو ملڪ جو جيڪو تيل پيٽرول ۽ ڊيزل جي صورت ۾ آھي اھو هتي صاف ڪيو ويندو آهي ۽ 1.5 ملين ماڻهو ڪورنگي جي صنعتن ۾ ڪم ڪرڻ ايندا آھن. ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز جي اڳوڻي صدر زاهد سعيد چيو ته سڄي ڪراچي مان ماڻهو هتي ڪم ڪرڻ لاءِ اچن ٿا، سنڌ ۾ نوان صنعتي زون ٺاهڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن کي وڌيڪ روزگار ملي سگھي، ماضي ۾ صنعتي زون تعمير ڪيا ويا هئا جنھن جي ڪري ماڻھن کي روزگار مليو، پاڪستان اسٽيل ملز جو سڄو علائقو وڪرو نه ڪيو وڃي، پر ان جي هڪ حصي تي هڪ صنعتي پارڪ ٺاهيو وڃي.ان کان اڳ، واپارين ۽ صنعتڪارن ڪاٽي اڳواڻن ايس ايم تنوير، جنيد نقي ۽ سيد جوهر علي قنڌاري جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلن بابت آگاھي ڏني.ان موقعي تي واپارين ۽ صنعتڪارن ٽرانسپورٽ کاتي جي منصوبن کي ڪراچي لاءِ گيم چينجر قرار ڏنو.