آڪلينڊ -08 جنوري(اي پي پي) آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ اليڪس مشيلسن اي ٽي پي ٽور جي ايونٽ اي ايس بي ڪلاسڪ ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويو آهي. اي ٽي پي ٽينس ٽورنامينٽ نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ مداحن کي ٽينس جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. 20 سالن جو آمريڪي ٽينس اسٽار اليڪس مشيلسن نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ اي ايس بي ڪلاسڪ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ٻي رائونڊ ۾ اٽلي جي مخالف رانديگر لورينزو سونيگو کي شڪست ڏني. اليڪسن مشيلسن جو ڪوارٽر فائينل ۾ مقابلو هم وطن رانديگر نشيش بسواريڊي سان ٿيندو.