ڪراچي- 18 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيپلز بس سروس جا روٽس وڌايا پيا وڃن، پيپلز بس سروس جون نيون بسون اپريل تائين اچي وينديون اسان جي ڪوشش ھوندي ته پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون ته جيئن عوام کي بھتر ۽ سستي سفري سھولت سان گڏ ماحول جو تحفظ به ٿي سگھي. اهڙو اظهار هن ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ييلو لائن بي آر ٽي جي بس ڊيپو جي تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار پاران ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آھي، ييلو لائن بي آر ٽي جي پھرئين حصي طور ڄام صادق پل تعمير ڪئي پئي وڃي، جڏھن ته ٻئي حصي طور بس ڊيپو تعمير ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته سنڌ سرڪار پاران عالمي معيار جو ٻه ماڙ ڊيپو ٺاھيو پيو وڃي، اُن کان اڳ، ھي ڊيپو ھڪ ماڙ تي ٻڌل ھو. ھن ڊيپو ۾ ھڪ ٻي گنجائش به ڇڏي وئي آھي ته جيئن ضرورت جي وقت ھڪ ٻي منزل ٺاھي سگھجي، ييلو لائن بي آر ٽي منصوبو ٻن ورھين ۾ مڪمل ٿيندو. ھي منصوبو عالمي بينڪ جي سھڪار سان شروع ڪيو پيو وڃي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي تي پھرين ڊيزل بسون ھلائڻ جو رٿيو ويو، ھاڻي اي وي بسون ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. اُن سلسلي ۾ ڊيپو ۾ چارجنگ سسٽم به لڳايو پيو وڃي، ھي ملڪي تاريخ جي پھرين بي آر ٽي ھوندي جيڪي اي وي بسن تي ٻڌل ھوندي، جنھن سان ماڻھن کي سستي ۽ بھتري سفري سھولت ملندي. ھن چيو ته اسان اي وي ٽيڪسيون ۽ بائيڪس به آڻي رھيا آھيون، اسڪيم تحت رائيڊرز کي اي وي بائڪس ڏنيون وينديون، جنھن سان ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار ملندو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ جي معاملي ۾ چئلينجز کي منھن ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آھي. ٽرانسپورٽرز کي به گذارش آھي ته اھي اي وي بسون آڻين. ھن چيو ته ھن منصوبي تي جلد ڪم ٿي سگھي ٿو. جنھن کي 2026ع کان اڳ ۾ مڪمل ڪري سگھجي ٿو. اسان جي ڪوشش ھوندي ته ھي منصوبو ھڪ سال اندر مڪمل ٿئي، شروعاتي طور تي ھن ڊيپو ۾ 346 بسون پارڪ ٿينديون، قبضي ھيٺ آيل ڊيپوز به خالي ڪرايا ويندا. ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جي اندروني مسئلن ۾ ڪنھن کي مداخلت نه ڪرڻ گھرجي، پي ٽي آءِ باني جون عالمي لابيون ڪم ڪري رھيون آھن، سندن ڪوشش آھي ته هن کي ٻاھر ڪڍيو وڃي، پڃري کان ٻاھر نڪرڻ جو فيصلو عدالتون ئي ڪنديون. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گاڏين جي فٽنيس جي معاملي تي ماڻھن کي پريشانين جو منھن ڏسڻو پئجي سگھي ٿو پر روڊ سيفٽي ۽ ماحوليات جي تحفظ لاءِ ھي تمام اھم آھي، گاڏين جي فٽنيس جو عمل پھرين ڊسمبر کان شروع ٿي چُڪو آھي. ان کان اڳ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ييلو لائن بي آر ٽي جو دورو ڪري تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو. اُن موقعي تي عالمي ڪنسلٽنٽس سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ڪم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني.