ميامي- 18 ڊسمبر (اي پي پي) فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ 2025ع لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جو پهريون مرحلو خميس، 19 ڊسمبر تي شروع ٿيندو، اهو شروعاتي مرحلو 19 ڊسمبر کان 14 جنوري تائين جاري رهندو. فيفا پاران جاري ڪيل بيان مطابق ٽڪيٽون فيفا جي ويب سائيٽ تي موجود هونديون. شروعاتي مرحلي ۾ گروپ ون اسٽيج جون سمورين 48 ميچن لاءِ انفرادي ٽڪيٽون موجود هونديون. فيفا انهن ميچن ۾ حصو وٺندڙ ڪلب جي شوقينن لاءِ هڪ مخصوص ڪوٽا به محفوظ ڪيو آهي، جنهن تائين خصوصي رسائي ان جي ڪلب ذريعي فراهم ڪئي ويندي. ان ڪوٽا ۾ فائنل تائين مشروط ٽڪيٽون به شامل آهن، جيڪو آچر 13 جولاءِ تي نيويارڪ نيو جرسي جي ميٽ لاف اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.