ڪراچي-12 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ادب کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪتابن سان محبت واقعي قابل تعريف عمل آهي. هن سال ڪراچي عالمي بڪ فيسٽيول ۾ 17 ملڪن جي 40 ادارن حصو ورتو آهي جيڪو پاڪستان لاءِ هڪ اهم ادبي ۽ ثقافتي سنگ ميل آهي. اهڙو اظهار هن ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ 19 هين ڪراچي انٽرنيشنل بڪ فيئر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير بڪ فيسٽيول کي علم، ثقافت ۽ تخيل سان ڀريل ميلو قرار ڏيندي چيو ته تقريب جو حصو بڻجڻ اعزاز جوڳو آهي جنهن ڪتاب سان محبت ڪندڙن، ليکڪن، پبلشرن ۽ پڙهندڙن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آهي. وڏي وزير هن ميلي کي پبلشرن، ڪتاب فروشن ۽ لائبريرين لاءِ هڪ اهم جاءِ قرار ڏنو جيڪو ادبي برادريءَ ۾ مصروفيت ۽ تعاون کي هٿي وٺرائي ٿو. تقريب جي اهميت بابت ڳالهائيندي مراد شاهه چيو ته ڪتابي ميلي قومي ۽ بين الاقوامي پبلشرن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو جنهن سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي ۽ ڪتابن جي وڪري ۾ اضافو ٿيندو ۽ ليکڪن لاءِ پبلشرن ۽ پڙهندڙن سان رابطو ڪرڻ جو موقعو ملندو، تخليقي ڳالهه ٻولهه جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ تنقيدي سوچ جي ثقافت کي هٿي ملندي. وڏي وزير ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪتابي ميلي سان گڏ ٻين ثقافتي تقريبن جهڙوڪه 19هين اردو ڪانفرنس ۽ ڪراچي ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ثقافتي ميلو ڪوٺائڻ تي فخر جو اظهار ڪيو. ڪتابي ميلي تي تبصرو ڪندي وڏي وزير چيو ته ماڻهن جو وڏو ٽرن آئوٽ ڏسي دل خوش ٿئي ٿي ۽ ڪوشش ڪندس ته ميلي جو تجربو ڪرڻ لاءِ ايندڙ چئن ڏينهن ۾ ٻيهر دورو ڪريان. هن خوشيءَ سان سڀني کي پڙهڻ جي ترغيب ڏيندي پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي چيو ته “هر ڪتاب هڪ دنيا آهي جنهن کي ڪجهه نه ڪجهه ڳولا جو انتظار آهي، هر صفحو هڪ سفر آهي ۽ هر پڙهندڙ پنهنجي ڪهاڻي جو خالق آهي. ڪراچي انٽرنيشنل بڪ فيئر تخليقي سوچ، دانشوراڻي گفتگو ۽ ثقافتي قدرن کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ روشني مثل آهي جيڪو هر سال وڌندو رهي ٿو. ان موقعي تي ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته روايتي ڪتابن جي دائمي قدر تي زور ڏنو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ ڊجيٽل فارميٽ پڻ اهميت ماڻي رهيو آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ اڄ جي دنيا ۾ ڊجيٽل ڪتابن جي پنهنجي اهميت آهي، پر حقيقي ڪتاب جا صفحا ڦيرڻ جي خوشي لاجواب آهي. هن تعليم ۽ علم ۾ مسلمانن جي تاريخ تي روشني وجهندي چيو ته 859ع ۾ مراڪش ۾ القروين يونيورسٽي جي قيام ۽ 9 صدي عيسوي ۾ بغداد ۾ علم جي مرڪز جي حيثيت سان بيت الحڪمه جي ترقيءَ اسان جي تاريخ آهي، ان جي ابتڙ آڪسفورڊ يونيورسٽي 12 صدي عيسويء ۾ قائم ڪئي وئي جيڪا تعليم جي ترقي ۾ مسلمانن جي اهم ڪردار کي ظاهر ڪري ٿي. سردار شاهه افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ مسلمان مختلف چئلينجن سبب پنهنجي علمي ۽ تعليمي قيادت وڃائي رهيا آهن. اسان کي پنهنجي علم ۽ جدت جي شاندار ورثي کي ٻيهر ڳولڻ ۽ ان کي قبول ڪرڻ گهرجي. تعليم واري وزير جي تقرير هڪ ڪال ٽو ايڪشن جي طور تي ڪم ڪيو، ڪميونٽي تي زور ڏنو ته تعليم جي اهميت کي اجاڳر ڪندي ايندڙ نسلن لاءِ پڙهڻ ۽ سکڻ جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. تقريب ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جو صدر احمد شاهه، تقريب جا آرگنائيزر وقار متين خان، عزيز خالد پڻ موجُود هُئا.