ڪراچي-06 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سالياني ترقياتي پروگرام 26-2025ع جي تياري لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن ته جيئن ٻوڏ متاثرن جي بحالي، سياسي ۽ معاشي ترقي تي ڌيان ڏيندي حڪومت جي وسيع ايجنڊا موجب صوبي جي ترقي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جوڙيو وڃي. وڏي وزير ۽ منصوبابندي ۽ واپار واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايندڙ سالياني ترقياتي پروگرام جي تيارين بابت هدايتون جاري ڪيون آهن. وڏي وزير هدايت ڪئي ته هلندڙ سال 25-2024 ع جي ترقياتي ڪمن جو تسلسل برقرار رکيو وڃي ۽ ايندڙ سال جي پلاننگ دوران 2022 ع جي مها ٻوڏ سبب متاثر ٿيل انفرا اسٽرڪچر جي بحاليءَ جهڙن اهم معاملن تي ڌيان ڏنو وڃي. هن سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي لاڳاپيل شعبن جي ترجيحن مطابق منصوبابندي ڪن جن ۾ پائيدار ترقي جا هدف ۽ مضبوط انفرا اسٽرڪچر، بهتر صحت، تعليم، زراعت ۽ آبپاشي شامل آهن. وڏي وزير چيو ته رٿابندي ۾ زميني حقيقتن خاص طور تي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ غريب طبقن تي مهانگائي جو بار گهٽائڻ کي نظر ۾ رکيو وڃي. وڏي وزير جي هدايتن موجب سمورن کاتن کي 31 مارچ 2025ع تائين نون منصوبن جي منظوري جو عمل مڪمل ڪرڻو آهي ته جيئن سالياني ترقياتي پروگرام وقت تي مڪمل ٿي سگهن. مراد علي شاهه زور ڀريو ته ترقياتي بجيٽ جو 80 سيڪڙو جاري منصوبن لاءِ رکيو وڃي. ان دوران، مالي نظم و ضبط جو خيال رکڻ گهرجي ۽ خرچن کي وڌائڻ کان بچيو وڃي. هدايتن ۾ نواڻ تي زور ڀريندي سڀني کاتن کي چيو ويو آهي ته اهي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت منصوبا شروع ڪن ته جيئن مالي بار کي گهٽائي سگهجي. وڏي وزير ان ڳالهه کي ورجايو ته اسان کي پائيدار ۽ موثر ترقي کي يقيني بڻائڻو پوندو جنهن سان سنڌ جي عوام خاص ڪري آفت سٽيلن کي فائدو ٿيندو. ايندڙ ترقياتي پروگرام لاءِ هدايتون سنڌ حڪومت جي عوام جي ڀلائي لاءِ چونڊ، جامع ۽ موثر ترقياتي رٿابندي واري عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون.