دبئي-05 ڊسمبر (اي پي پي) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي اهتمام هيٺ گڏيل عرب امارتن ۾ جاري 11 هين انڊر – 19 ايشيا ڪپ ۾ دلچسپ ۽ سخت مقابلا پنهنجي پڄاڻي طرف وڌي رهيا آهن، مينز انڊر – 19 ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ جو سيمي فائنل اڄ جمعي تي پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو، پاڪستاني ٽيم بنگلاديش خلاف دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ ميچ کيڏندي جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل ڀارت ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم شارجا ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان ٽيم جي اڳواڻي سعد بيگ ڪندو جڏهن ته بنگلاديشي ٽيم کي محمد عزيز الحڪيم تمين ليڊ ڪندو.