اسلام آباد -04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي 10 ڊسمبر کان 7 جنوري 2025ع تائين شيڊول ٿيل ڏکڻ آفريقا جي دوري لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. دوري دوران 3 ٽي – ٽوئنٽي، 3 ون ڊي انٽرنيشنل ۽ 2 ٽيسٽ ميچون کيڏيون وينديون. سيريز جي شروعات 10 ڊسمبر کان ڊربن ۾ پهرين ٽي – ٽوئنٽي ميچ سان ڪئي ويندي. ڏکڻ آفريقا جي دوري لاءِ اعلان ڪيل ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شان مسعود (ڪپتان) سعود شڪيل (نائب ڪپتان) عامر جمال، عبدالله شفيق، بابر اعظم، حسيب الله (وڪيٽ ڪيپر) ڪامران غلام، خرم شهزاد، مير حمزه، محمد عباس، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر) نسيم شاهه، نعمان علي، صائم ايوب ۽ سلمان آغا شامل آهن. جڏهن ته ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ محمد رضوان (ڪپتان/ وڪيٽ ڪيپر) عبدالله شفيق، ابرار احمد، بابر اعظم، حارث رئوف، ڪامران غلام، محمد حسنين، محمد عرفان خان، نسيم شاهه، صائم ايوب، سلمان علي آغا، شاهين شاهه آفريدي، سفيان مقيم، طيب طاهر ۽ عثمان خان (وڪيٽ ڪيپر) شامل آهن. ٽي – ٽوئنٽي ميچ جي سيريز لاءِ اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ محمد رضوان (ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر) ابرار احمد، بابر اعظم، حارث رئوف، جهانداد خان، محمد عباس آفريدي، محمد حسنين، محمد عرفان خان، عمير بن يوسف، صائم ايوب، سلمان علي آغا، شاهين شاهه آفريدي، سفيان مقيم، طيب طاهر ۽ عثمان خان (وڪيٽ ڪيپر) شامل آهن. سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر ۽ وائيٽ بال هيڊ ڪوچ عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته اسان کي جنهن فارميٽ لاءِ جن رانديگرن جي ضرورت آهي انهن جي چونڊ جي پاليسي تي عمل ڪيو آهي ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته ٽئي اسڪواڊ مناسب هجن ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي قابل هجن. شيڊول موجب 10 ڊسمبر تي پهرين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ڊربن ۾ کيڏي ويندي، 13 ڊسمبر تي ٻي ٽي ٽوئنٽ: ميچ سينچورين ۾ ۽ 14 ڊسمبر تي ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي. اهڙي ريت ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 17 ڊسمبر تي پارل ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ون ڊي 19 ڊسمبر تي ڪيپ ٽائون ۽ ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 22 ڊسمبر تي جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي. شيڊيول موجب 26 کان 30 ڊسمبر تائين پهرين ٽيسٽ ميچ سينچورين ۾ جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 کان 7 جنوري 2025ع تائين ڪيپ ٽائون ۾ کيڏي ويندي.