اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) نيپال، سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيمون چوٿين ٽي-20 بلائنڊ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کانپوءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن روانيون ٿي ويون. پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر سيد سلطان شاهه ٻڌايو ته نيپال جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم واهگه بارڊر کان پنهنجي ملڪ روانو ٿي وئي جڏهن ته سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون ملتان ايئرپورٽ کان پنهنجي ملڪ لاءِ روانو ٿي ويون آهن. واضح رهي ته ورلڊ ٽي-20 بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.