ڪراچي-29 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪي فور جي توسيع واري منصوبي کي ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ڪرڻو آهي جيڪي به رڪاوٽون آهن انهن کي ختم ڪندس منصوبي جو ڪاٿو 73 ارب 61 ڪروڙ 38 لک رپيا آهي. اهڙو اظهار سي ايم هائوس ڪراچي ۾ ڪي فور منصوبي جي توسيع بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن توانائي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن لڳائين ۽ ٽرانسميشن لائين وڇائڻ لاءِ ٽينڊر جاري ڪري. هن لوڪل گورنمينٽ کاتي کي اها پڻ هدايت ڪئي ته هو منصوبي لاءِ سول ڪم جي منظوري حاصل ڪرڻ جو عمل شروع ڪري. ترجمان موجب وڏي وزير، لاڳاپيل وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي چيو آهي ته اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي وقت سر عملدرآمد ڪرايو وڃي. وڏي وزير چيو ته ڪي فور پروجيڪٽ واپڊا پاران تيار ڪيو پيو وڃي. اهو 111 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ ان ۾ روزانو 650 ملين گيلن پاڻي پهچائڻ جي گنجائش آهي ان منصوبي ۾ ٽي ذخيرا شامل آهن. ڪي فور توسيع پروجيڪٽ ۽ واٽر لائينن بابت ڪم بلديات کاتو ۽ ڪراچي واٽر پاران ڪيو پيو وڃي، منصوبي جو ڪاٿو 73 ارب 61 ڪروڙ 38 لک رپيا آهي. بريفنگ دوران وڏي وزير کي ٽن خيرن ۽ فلٽريشن پلانٽس بابت ٻڌايو ويو ته هڪ منگھو پير روڊ، ٻيو تيسر ٽائون ۽ ٽيون پپري ۾ آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ذخيرو هڪ نمبر کان جنڪشن واءِ تائين واٽر ٽرانسميشن لائين وڇائي ويندي. ذخيري نمبر 2 کان وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ پوءِ وفاقي اردو يونيورسٽي کان گلبائي تائين جڏهن ته ذخيري نمبر 3 کان بنارس تائين پائيپ لائين وڇائي ويندي. ڪي فور پروجيڪٽ 2.7 ڪلوميٽر ڊگهو بي آر ٽي ريڊ لائن سان گڏ هلندو. ڪي فور پروجيڪٽ جي، پي ڊي عثمان معظم وڏي وزير کي ٻڌايو ته وڇايل پائپ لائنون 96 انچ ۽ قطر 72 انچ هونديون. پائپ لائنن جي ڪل ڊيگهه 2.7 ڪلوميٽر هوندي جنهن مان 0.95 ڪلوميٽر 96 انچ پائپ لائن ۽ 1.8 ڪلوميٽر 72 انچ پائپ لائن هوندي. 96 انچ جي پائيپ لائين عزيز ڀٽي پارڪ کان شروع ٿيندي جيڪا تبديل ٿي 72 انچ واري وفاقي اردو يونيورسٽي وٽ ٿيندي، جنهن کانپوءِ ايڪسپو سينٽر کان رخ بدلائي لياقت آباد ڏانهن روانو ٿيندي. وڏي وزير عثمان معظم کي هدايت ڪئي ته بي آر ٽي ريڊ لائن سان حسن اسڪوائر کان عزيز ڀٽي پارڪ تائين 2.7 ڪلوميٽر پائيپ لائين وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي. چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه ٻڌايو ته عالمي بئنڪ سان ڳالهيون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ اميد آهي ته پروجيڪٽ 2025 تائين منظور ٿي ويندو پر ان منصوبي لاءِ عبوري فنڊ موجود آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪي فور منصوبي جي توسيع جي ڊيزائن AIIB جي فنڊنگ سان مڪمل ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي 2 سميت ڪي فور جو پرمٽ سيپٽمبر 2024ع ۾ پلاننگ ڪميشن طرفان آڪٽوبر 2024ع ۾ منظوري کانپوءِ جاري ڪيو ويو. وڏي وزير ڊيزائين جي تياري ۽ فنڊن جي منظوري باوجود ڪم جي شروعات ۾ دير ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن رٿابندي ۽ مڪاني ادارن واري وزيرن کي هدايت ڪئي ته هو جنوري 2025ع کان منصوبا شروع ڪن ۽ فنڊن جو بندوبست ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ناصر حسين شاهه چيو ته نگران صلاحڪار جي مقرري لاءِ دلچسپي جي اظهار جا نوٽيس جاري ڪيا ويا. 16 ڪمپنين دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. سيپٽمبر 2024 ۾ پنجن شارٽ لسٽ ڪيل ڪمپنين کان رسمي تجويزون طلب ڪيون ويون جن مان ٽن ڪمپنين ٽيڪنيڪل ۽ مالياتي تجويزون پيش ڪيون. ٽيڪنيڪل تفصيلن جي رپورٽ منظوري لاءِ ورلڊ بينڪ کي موڪلي وئي آهي ۽ جواب جو انتظار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب وڏي وزير کي ٻڌايو ته اين او سيز لاءِ 18 ادارن رابطو ڪيو ويو هو جن مان 17 کي جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيشنل هاءِ وي، ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ صوبائي هاءِ وي ڊپارٽمينٽ کان اڃا تائين اين او سي وصول ڪرڻا آهن. وڏي وزير صوبائي کاتن کي اين او سي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ميئر ڪراچي کي چيو ته هو وفاقي ادارن سان رابطو ڪري اين او سي جاري ڪن. وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته ڪي بي فيڊر جي لائيننگ جو ڪم شروع ڪيو وڃي ۽ فنڊنگ لاءِ سمري موڪلي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ تمام ضروري فنڊ فراهم ڪندي. رٿابندي ۽ ترقيات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه وڏي وزير کي بجلي جي ڪم جي حوالي سان ٻڌايو ته 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن ۽ رهائشي ڪالوني قائم ڪرڻ لاءِ 6 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي آهي. 30 ڪلوميٽر ٽرانسميشن لائين سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني وڇائيندي. وڏي وزير توانائي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هلندڙ مهيني جي آخر تائين ٽرانسميشن لائين جي موسمي اثرن جي رپورٽ مڪمل ڪري ته جيئن ان کانپوءِ ڪم شروع ڪري سگهجي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري انرجي مصدق ملڪ، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، چيف اڪنامسٽ پي ڊي اسلم سومرو، سي اي او واٽر بورڊ صلاح الدين ۽ پي ڊي ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي عثمان معظم شرڪت ڪئي.