ڪراچي-25 نومبر (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي چيو آهي ته اڄ اسان کي عهد ڪرڻو پوندو ته عورتن سان ٿيندڙ هر ظلم خلاف اثرائتا قدم کڻڻا پوندا ۽ ان لاءِ آواز بلند ڪنداسين.هن وقت عورتن خلاف تشدد هڪ سنگين عالمي مسئلو آهي ان ڏس ۾ عالمي سطح تي سهڪار کي هٿي وٺرائڻي پوندي. صوبي ۾ عورتن تي جسماني، جذباتي، جنسي ۽ اقتصادي تشدد خلاف سخت قدم يقيني بڻايا پيا وڃن. عورتن خلاف تشدد کي ختم ڪرڻ اسان جو گڏيل مقصد هجڻ گهرجي. عورتن خلاف تشدد جو خاتمو اسان جي معاشري جي ترقي لاءِ به انتهائي اڻٽر آهي. صوبي ۾ عوتن تي تشدد خلاف ڀرپور قانونسازي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سندن حقن جو تحفظ ۽ کين معاشري ۾ باوقار موقعن جي فراهمي اولين ترجيح آهي. گورنر هائوس ۾ گورنر انيشيئيٽو تحت آءِ ٽي ڪورسز ۾ عورتون مٿڀريون آهن. کين بااختيار بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون جاري آهن.