ڪراچي- 21 نومبر (ا ي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ٽيليويزن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٽيليويزن تعليم، تفريح ۽ عالمي شعور کي هٿي ڏيڻ جو هڪ مؤثر ذريعو آهي ان کي تعميري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا کي گهرجي ته قومي ورثي ۽ مثبت پهلوئن کي دنيا ۾ اجاگر ڪن. ٽيليويزن عالمي مسئلن جهڙوڪ فلسطين، ڪشمير ۽ موسمياتي تبديلين کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اڄ جي دور ۾ ٽيليويزن نوجوانن ۾ تعليم ۽ شعور کي وڌائڻ جو هڪ مؤثر ذريعو آهي. ميڊيا کي پاڪستان جي امن ۽ ترقي جو پيغام دنيا تائين پهچائڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.