حيدرآباد- 21 نومبر (ا ي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي عمرڪوٽ ڪئمپس جي پروفيسر ڊاڪٽر غلام مرتضي ڄامڙو جو والد ۽ يونيورسٽي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر فارمز پروفيسر ڊاڪٽر غلام حيدر ڄامڙو، ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد گذريل رات حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ رضا الاهي سان لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن جو مڙھ سندس اباڻي قبرستان ڳوٺ گل محمد ڄامڙو نزد راڻي پور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، پروفيسر ڊاڪٽر غلام حيدر ڄامڙي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر غلام حيدر هڪ بهترين استاد هو، جنهن پروفيسر جي حيثيت ۾ بهترين تدريسي ۽تحقيقي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ بهترين شاگرد پيدا ڪيا، سندس اداري لاءِ خدمتون سدائين رکيون وينديون، وائيس چانسلر سندس پوئنيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.