سکر- 21 نومبر (ا ي پي پي) ايڪسيئن روهڙي ڊويزن مورو پاران خريف سيزن 25-2024 لاءِ وارابندي پروگرام جو اعلان ڪيو ويو آهي ، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ مين روهڙي ڪئنال ۾ پاڻي جي وھڪري ۾ گھٽتائي سبب ان مان نڪرندڙ هيٺين واھن جي وارا بندي ڪئي وئي آھي. شيڊول موجب دولتپور، موبيجاڻي، نورپور، ڀريا ۽ ناٿر ڏيٿا واهن کي 18 نومبر 2024 صبح 6 بجي کان 26 نومبر 2024 صبح 6 بجي تائين بند ڪيو ويندو. جڏهن ته سيرهل مائينر 2، جسڪاڻي ڊسٽري-1، مينگلو مائينر، لنڊڪي ڊسٽري، گاچيرو مائينر، داريس ۽ ڦل ڊسٽري/واهه 26 نومبر 2024 صبح 6 بجي کان 4 ڊسمبر 2024 صبح 6 بجي تائين بند رهندا. پڌرائي موجب جن چينلز ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ بهتري ايندي روٽيشن پروگرام ۾ بند ٿيل انهن چينلز کي ٻيهر کوليو ويندو. پاڻي جي فراهمي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي صورت ۾ هلندڙ چينل به بند ڪيا ويندا.