حيدرآباد- 21 نومبر (ا ي پي پي) حسين آباد ٿاڻي جي پوليس هٽڙي باءِ پاس تان مبينه مقابلي کان پوءِ ڪارون چوري ڪرڻ جي وارداتن ۾ ملوث گينگ کي هڪ عورت سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ ڪار هٿ ڪئي آهي. حيدرآباد پوليس ترجمان موجب مقابلو جلسه گرائونڊ هٽڙي باءِ پاس وٽ پيش آيو فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ ظهير مگسي، صائمه ۽ ذيشان چنا کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن مان ظهير مگسي زخمي حالت ۾ آهي جنهن کي علاج لاءِ اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪارون چوري ڪرڻ سميت اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث آهن. پوليس موجب وڌيڪ جاچ جاري آهي.