ڪراچي-18 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي شھر ۾ غير قانوني طور داخل ٿيندڙ گاڏين خلاف آپريشن جو سلسلو جاري آھي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي پاران آگسٽ 2024 کان جاري آپريشن ۾ ھن وقت تائين قانونن جي ڀڃڪري ڪرڻ تي 1392 گاڏين کي چالان ڪري مجموعي طور تي 44 لک 28 ھزار رُپيا ڏنڊ مڙھيا ويا آھن، جڏھن ته ٽرانسپورٽ کاتي پاران 80 گاڏيون قبضي ۾ ورتيون ويون ۽ 58 روٽ پرمٽ معطل ڪيا ويا، قانونن جي ڀڃڪڙين تي 18 ٽرانسپورٽرز کي وارننگز جاري ڪئي وئي آهي. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنھنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آھي تھ حڪومتي قدمن جو مقصد ٽرانسپورٽ سرگرمين کي قانون جي معيارن موجب آڻڻ آھي، غير قانوني بس اڏن جي خلاف آپريشن سان ڪراچي جي روڊن تي ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ تمام گھڻي گھٽتائي آئي آھي. هن وڌيڪ چيو تھ سنڌ سرڪار بنا ڪنھن فرق جي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي، ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سخت قانوني ڪارروائي کي منھن ڏيڻو پوندو، اسانجي پھرين ترجيح غير قانوني ۽ غير محفوظ گاڏين کي روڊن تان ھٽائڻ ۽ شھرين جي پريشانين جو خاتمو آڻڻ آھي. ھن عوام کي اپيل ڪئي تھ اهي اختيارين سان سھڪار ڪن ۽ ٽرانسپورٽر قانونن تي سختي سان عمل ڪن، ھي مھم مڪمل تعميل تائين جاري رھندي.