روم-13 نومبر(اي پي پي) اٽلي جي ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ون جينڪ سنر پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب اي ٽي پي فائنلز ۾ گروپ مرحلي جي ٻي فتح حاصل ڪري سيمي فائنل ويجهو پهچي ويو، کيس سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ هڪ فتح گهربل آهي. 23 سالن جي اٽلي جي ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ون ۽ ٽاپ سيڊڊ جينڪ سنر اي ٽي پي فائنلز ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ٻي ميچ ۾ آمريڪا جي حريف رانديگر 27 سالن جي ٽيلر فريٽنر کي شڪست ڏئي مسلسل ٻي رائونڊ فتح حاصل ڪئي. اي ٽي پي فائنلز گروپ ميچز اٽلي جي شهر ٽورن جي انالپي ايرينا ۾ جاري آهن. گروپ مرحلي ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ٻي ميچ ۾ اٽلي جي جينڪ سنر عمده راند پيش ڪندي آمريڪي حريف ٽيلر فريٽنر کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-4 ۽ 6-4 تان شڪست ڏئي فتح حاصل ڪري ورتي. اها سندس اي ٽي پي فائنلز ۾ مسلسل ٻي رائونڊ جي فتح آهي.